سکر ۾ جمائت اسلامي ضلعي سکر پاران مهانگائي خلاف نڪتل ريلي کي سکر پريس ڪلب ٻاهران خطاب ڪندي

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) جمائت اسلامي صوبائي اڳواڻ ممتاز حسين سهتو ۔ضلعي امير سکر زبير حفيظ شيخ۔ نائب امير سلطان احمد لاشاري سکر ۾ جمائت اسلامي ضلعي سکر پاران مهانگائي خلاف نڪتل ريلي کي سکر پريس ڪلب ٻاهران خطاب ڪندي چيو آھي ته موجودھ پي ڊي ايم حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آندو آھي غريب مزدور ماني لاء پريشان آھي جڏهن غريب تنگ ٿي روڊن تي نڪتا ته سي ايم ۽ پي ايم هائوس به محفوظ نه رهندا حڪمران هوش کان ڪم وٺن حڪمرانن عوام کي آء ايم ايف جي چوڻ تي جيئڻ جهڙو ناهي ڇڏيو ملڪ آء ايم ايف حوالي ڪيو ويو آھي پر جمائت اسلامي عوام سان گڏ آھي آء ايم ايف۔شهباز شريف۔زرداري ۽ مولانا ۾ ڪوبه فرق ناهي مظاهري جو مقصد اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي خلاف آھي غريب مزدور لاء اٽو خريدڻ مشڪل ٿي ويو آھي تبديلي سرڪار ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آندو آھي مهانگائي سبب غريب ماڻهون خاموش ٿي نه ويهندا حقن لاء رورڊن ضرور نڪرندا۔ريلي ۾ امان الله سميت وڏي انگ ۾ جمائت اسلامي سکر جا عهديدار ۽ ڪارڪن پڻ شامل هئا

پنھنجي راءِ لکو