اسلام آباد: نيب ترميم مان فائدو،آصف زرداري مني لانڊرنگ ريفرنس واپس اماڻڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب ترميم مان فائدو کڻندي مني لانڊرنگ ريفرنس واپس اماڻڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي،اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي جنهن ۾ سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيا،آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران ريفرنس واپس اماڻڻ جي درخواستن تي وڪيل فاروق نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته آصف زرداري تي ريفرنس ۾ 30 ملين جو الزام آهي نيب هينئر تائين هڪ الزام به ثابت ناهي ڪري سگهيو اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر به اهو ڪيس نيب ڏانهن نه اماڻيو هو،دليلن ۾ چيو ويو آهي ته نئين نيب قانون تحت ريفرنس به عدالت جي اختيار ۾ نٿو اچي ان ڪري احتساب عدالت قانون موجب ريفرنس واپس اماڻي. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
احتساب عدالت آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جي هڪ ڏينهن واري حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون به منظور ڪري ورتيون. ٻئي طرف احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پارڪ لين ريفرنس جي به ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جج جاويد رانا جي آڏو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيا ٻڌڻي دوران آصف زرداري سميت ٻين جوابدارن طرفان هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون پيش ڪيو ويو جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت آصف زرداري ۽ ٻين جي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون منظور ڪري ورتيون

پنھنجي راءِ لکو