ڪراچي: پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو ڊي سي ڪياماڙي جي آفيس ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي رپورٽ موجب ڊي سي ڪياماڙي آفيس ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن تي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جيڪسن پوليس واقعي جو ڪيس الزام نمبر 2023/28 ڊي سي آفيس ڪياماڙي جي ملازم ڪاشف مبين جي مدعيت ۾ داخل ڪيو. ايف آءِ آر جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته جهيڙي دوران فائرنگ ۽ ڏنڊن جي استعمال سبب ڪيترائي ماڻهو به زخمي ٿيا آهن ڪيس دهشتگردي، قتل جي ارادي ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ سميت ٻين قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي، بلال غفار، عطاالله سعيد آفريدي کي نامزد ڪيو ويو آهي ان کان علاوه شبير قريشي، حيدر خليل، حضرت خليل، طارق خان ۽ ٻين کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي
