سکر جي جيلاني روڊ بروهي محلا ۾ بريڪ ڦيل ٿيڻ سبب لوڊر تعمير ٿيندڙ پلاٽ ۾ هيٺ ڪري پيو، ڊرائيور فوت لاش ضروري ڪاروائي بعد ورثن حوالي،

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي جيلاني روڊ بروهي محلا ۾ بريڪ ڦيل ٿيڻ سبب لوڊر تعمير ٿيندڙ پلاٽ ۾ هيٺ ڪري پيو، ڊرائيور فوت لاش ضروري ڪاروائي بعد ورثن حوالي،
تفصيل موجب جيلاني روڊ تي بروهي محلا ۾ تعمير ٿيندڙ دڪان لاءِ رڪشا لوڊر ٽائلس لوڊ ڪري کڻي اچي رهيو هو ته اوچتو سندس بريڪ فيل ٿي وئي ۽ هو ڀرسان تعمير ٿيندڙ پلازه جي پلاٽ ۾ هيٺ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا لوڊر جو ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج خاطر اسپتال پهچايو ويو، پر زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پنھنجي راءِ لکو