حيدرآباد: سُڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي دل جي تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي اسپتال منتقل ڪيو ويو،اسپتال جي ذريعن موجب اسپتال اچڻ تي شرجيل ميمڻ جو طبي معائنو ڪيو ويو ته خبر پئي ته صوبائي وزير کي دل جو دورو پيو آهي،ڊاڪٽرن موجب شرجيل انعام ميمڻ جي دل جون 2 شريانيون بند هيون، کيس اينجيو گرافي کان پوءِ اينيجيو پلاسٽي ڪئي وئي آهي، سندس طبيعت هاڻ سڌرندڙ آهي اسپتال انتظاميه موجب شرجيل جي حالت هاڻ پهرين کان بهتر آهي، کيس 24 ڪلاڪن بعد گهر منتقل ڪيو ويندو
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل پريس ڪانفرنس ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان چونڊيل نمائندن سان طئي ٿيل گڏجاڻيون ملتوي ڪيون ويون آهن
