روهڙي: روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چورين جو آزار گهٽجي نه سگهيو

روهڙي: روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چورين جو آزار گهٽجي نه سگهيو
ھڪ ھفتو اڳ علي واھڻ مان چوري ٿيل جمبو لوڊر واپس نه ٿيڻ ڪري چوھاڻ برادري جي ماڻهن جو جھانگڙو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، امن امان بحال ڪرائڻ جو مطالبو، روهڙي جي ڀر واري شهر علي واھڻ ۾ چوھاڻ برادري جي ماڻهن بابو چوھاڻ، غلام نبي، ﷲ بخش، ۽ ﷲ وسايو چوھاڻ جي اڳواڻي ۾ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھون آهي ته 15 ڏينهن اڳ جھانگڙو ٿاڻي جي حد مان علي واھڻ شهر جي شيخ محلا مان لکين رپين جو جمبو لوڊر، چوري ٿي ويو آهي، جيڪو ھڪ مسڪين بابو چوھاڻ روزگار ڪرڻ لاءِ قسطن تي ورتو ھو، چوري جو جھانگڙو پوليس کي بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود ھڪ ھفتو گذري ويو آهي پر پوليس چوري واپس ڪرائڻ لاءِ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي، محلي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون به لڳل آهن، پوليس ڪيمرائن جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي الٽو اسان کي خاموش رھڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، مظاهرين ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته ھڪ پورھيت جي روزگار جو ذريعو چوري ٿيل جمبو لوڊر واپس ڪرائي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي،

پنھنجي راءِ لکو