سکر جي صالح پٽ واري علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار بيماري سوين ڍور مري رهيا آهن

سکر(بيورورپورٽ)سکر جي صالح پٽ واري علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار بيماري سوين ڍور مري رهيا آهن ؛ گزيل برساتن کان ڪابه ويڪيسن ناهي ٿي لائيو اسٽاڪ کاتي وارا گم مالوند ڳوٺ عمر ڪڍيو۔ لونگ ڀنڀرو۔ ترائي۔ گگڙو۔ سوڀو مهر ۔ڳوٺ الهواريو ڀنڀرو. آرڊي 186 جنوجي ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن چوپائي جانور ۾ مختلف بيماريون جن ۾ خاص ڪري مهاڙو۔ ڪارو واء ۔ تيڪ ڊائرا تري جي ودي وڃڻ ساڙو کگ پيٽ ۾ سور دم سهڪو وغيره بيمارين منهن ڪڍيو آهي وٽرنري ڊاڪٽر غائب ٿي ويا ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته صالح پٽ تعلقي جي مختلف علائقن ۾ وڏي مقدار ۾ جانور پاليا وڃن ٿا مالوند ڀاڳين جو گزر صفر چوپائي جانورن تي آهي جڏهن ته پوري تعلقي ۾ سرڪاري اسپتال مان مالوندن کي ڪوبه فائدو ناهي ڊاڪٽر گهر ويٺي پگهار کڻيٿو ۽ ٻيو اسٽاف به ويزا تي ويل آھي لائيو اسٽاڪ کاتي جي اعلي عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺندي وٽرنري ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي ويڪيسن ڪرائي ما لوندن کي نقصان کان بچايو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو