سکر: جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، گهريلو ۽ ڪاروباري سرگرميون مفلوج ٿي ويون،

سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، گهريلو ۽ ڪاروباري سرگرميون مفلوج ٿي ويون، شهري ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور، سماجي حلقن ۾ پريشاني جي لهر پکڙجي وئي آهي. اعليٰ اختيارين کان پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جو مطالبو،
تفصيل موجب سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي مسلسل لاپرواهي سبب نئون پنڊ، ڀوسا لائين، درزي محلا، گوپانگ محلا، ٽڪر محلا، چانڊ مسجد، ريلوي ڪالوني، جيلاني روڊ، جناح چوڪ، نئون ڳوٺ، بيراج روڊ، مائيڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ، بهار ڪالوني، بندر روڊ، مياڻي روڊ، مارچ بازار ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي بند ٿيڻ سبب متاثر شهرين احتجاج ڪندي چيو ته سکر شهر پاڻي نه هجڻ ڪري ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، متاثر علائقن ۾ پاڻي کوٽ سبب گهرن جون سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن، اتي ڪاروباري زندگي به درهم برهم ٿي وئي آهي، شهري پري پري کان ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀري اچڻ ٿا ۽ ڪيترائي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، شهرين جي ميونسپل ڪارپوريشن سکر تي تنقيد ڪندي چيو ته بلديا جا آفيسر صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن، ايڊمنسٽريٽر عدنان رضا انصاري، ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ ۽ ٻين نااهلن شهرين کي بنيادي ۽ ميونسپل جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي سکر جي شهرين صوبائي وزير بلديات ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان واٽر سپلاءِ جو نظام بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پاڻي جي کوٽ سبب شهرين کي درپيش مشڪلاتن کي دور ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو