ٽنڊوالهيار: برسات متاثرن جي ساهتا لاءِ ملندڙ فنڊن ۽ امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ عالمي ادارن جا اڳواڻ حيدرآباد، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص جي دوري تي پهچي ويا سنڌ ۾ برسات سبب ٿيل تباھين ۽ امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ عالمي اداري ٽيئر فنڊ گلوبل جو چيف ايگزيڪيوٽو نائيجل ھيرس، يورو ايشيا نارٿ آفريڪا جو ريجنل ڊائريڪٽر مارٽن ليچ ۽ ٽيئر فنڊ پاڪستان جو ڪنٽري ڊائريڪٽر جوناٿن جانسن حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار جي دورن تي پهچي ويا. حيدرآباد پهچڻ تي ڊي ايڇ او آفيس جي ٽيم طرفان سندس آجيان ڪئي وئي جتي هنن ٽيئر فنڊ جي تعاون جي باري ۾ آگاهي ڏني.. عالمي اداري جي ٽيم حيدرآباد کان پوءِ ٽنڊوالهيار ضلعي جي شيرو ميگهواڙ ڳوٺ جو پڻ دورو ڪيو جتي ڊي او ايڇ طرفان 2015 ۾ اسڪول شروع ڪيو ويو هو دوري دوران هنن اسڪولن جي ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن کان سکيا جي باري ۾ پڇا ڪئي. اسڪولي ٻارن ڪميونٽي جي ماڻهن ۽ سرڪاري آفيسرن ثقافتي انداز ۾ آيل ٽيم جي آجيان ڪئي.
دوري دوران عالمي اداري ٽيئر فنڊ گلوبل جي چيف ايگزيڪيوٽو نائيجل ھيرس چيو ته اسان پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ٽيئر فنڊ جي طور تي پنهنجون ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ هنگامي طور تي پنهنجي امداد جاري رکنداسين. ميرپورخاص پهچڻ تي صحافين سان ڳالھائيندي چيف ايگزيڪيوٽو نائيجل ھيرس چيو ته سنڌ اندر برساتن سبب تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، اسان پنھنجي مقامي پارٽنرز ذريعي ماڻھن جي زندگيءَ کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. ھن چيو ته اسان جي دنيا ماحولياتي ايمرجنسي طرف تيزي سان وڌي رھي آھي. جھڙي حالت پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ ٿي آھي، اسان ھن وقت سڄي دنيا ۾ اھڙي صوتحال کي ڏسي رھيا آھيون. ھن چيو تھ اسان ترقي يافتا ملڪن کان آيا آھيون، اسان جي ماڻھن کي گھرجي تھ اھي پنھنجي طرز زندگيءَ کي تبديل ڪن ۽ صنعتن مان خارج ٿيندڙ ڪاربان آلودگي کي زيرو ليول تي کڻي اچن ته جيئن دنيا وڌيڪ نقصانن کان بچي سگھي.
