ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور جي سال 2023 جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي پر وقار تقريب پريس ڪلب ۾ ٿي گذري جنهن جو خاص مهمان پي پي ڪشمور ضلعي جو صدر مير گل خان جکراڻي هيو جڏهن ته مختيارڪار ڪشمور اعجاز احمد ٻرڙو. ٽائون ڪاميٽي ڪشمور جو ائڊمنسٽريٽر وحيد علي ڊومڪي. رائيس ملز ايسوسيئشن جو وائيس چيئرمين سچا نند هئا. جڏهن ته حلف برداري تقريب ۾ ڪشمور شهر جي مڙني سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ورڪرن ۽ شهر واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. حلف کڻڻ بعد نئين چونڊيل صدر ڪرپال ڪيسواڻي خطاب ڪندي چيو ته پريس ڪلب مظلوم ماڻهن جو آواز آهي هتان جي صحافين هميشه حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو آهي. تقريب جي خاص مهمان مير گل محمد خان جکراڻي نئين چونڊيل عهديدارن کي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ڪشمور جي صحافين آمريت کان وٺي جمهوريت تائين پاڻ نڀايو آهي ۽ پريس ڪلب ڪشمورسدائين مظلوم ماڻهن لاءّ آواز بڻيو آهي. ڪشمور جي صحافين هر دور ۾ حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪيو آهي.
