سکر (بيورو رپورٽ) جميعت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو سکر ۾ منعقد جي ٽي آء سنڌ جي عزم طلبا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي پي ٽي آء حڪومت ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي پاڪستان کي 30 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ امن امان، تعليم صحت تباهه آهي، سنڌ حڪومت اٽو مهانگو ڪري 70 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، اڳ به وزير اعظم کي شڪايت ڪئي هئي، اغوا، اسٽريٽ ڪرائيم قتل جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، لاڙڪاڻو به بدامني کان محفوظ ناهي، سنڌ ۾ 60 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ۽ تعليم کان محروم آهن، عمران خان ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي، 30 سال ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، تفصيل موجب، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو عزم طلباء ڪنوينشن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اٽي مهانگي هئڻ جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت آهي، صرف سنڌ ۾ اٽي جي مد ۾ 70 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سبب اٽو مهانگو آهي، خوراڪ کاتي جا ڊپٽي ڊائريڪٽر، ڊي ايف سي ۽ وزير اٽي ڪرپشن ۾ ملوث آهن، سنڌ کي متبادل قوت قيادت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، مون سکر جي دوري وقت به وزير اعظم کي شڪايت ڪئي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تباهه آهي، روزانو اغوا، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿي رهيو آهي لاڙڪاڻي سکر ۾ ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، وزير اعظم کي چيو ته سنڌ پوليس کي مضبوط بڻايو وڃي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوج جو گڏيل ڪچي ۾ آپريشن ڪيو وڃي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، عمران خان ٻڌائي ته پنجاب اسيمبلي ۽ ڪي پي اسيمبلي کي ٽوڙڻ لاءِ ڪنهن سازش ڪئي? عمران نيازي پنهنجي ناڪامي کي نٿو لڪائي سگهي، پي ٽي آء حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، غلط معاهدا ڪيا ويا 30، سال ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، موجوده حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي، ڊونر ڪانفرنس آء وزير اعظم پاران فنڊ ڏنو ويو، عمران خان سبب ملڪ ڀوڳي رهيو آهي ملڪ نااهل ۽ نالائقن جي هٿن مان نڪري ويو آهي پي ڊي ايم جي قيادت بهتر هلائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته 60 لک کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم کان محروم بڻيل آهن، اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، واش روم موجود ناهن، ڪرپشن سبب اسپتالن اسڪولن جي حالت خراب آهي، پٽيوالي کان وٺي مٿين سطح تي ڪرپشن جاري آهي، ملڪ ۾ تعليمي هڪ نصاب رکڻو پوندو، جي يو آءِ اقتدار ۾ اچي ملڪ جي تقدير بدلائيندي، جيستائين اقتدار ۾ نٿا اچون تبديلي ممڪن ناهي، وقت جي سرمايه دارن خلاف متحد ٿيڻو پوندو، سنڌ کي هڪ ڏينهن باب الاسلام بڻايو ويندو، تقریب کي مفي ڪفايت الله، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مفتي سعود افضل هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، قاري نعيم الله، حافظ عبدالحمید مهر ۽ ٻين خطاب ڪيو
