سکر :شھر ۾ چوري ۽ ڦر جي وارداتن سبب شھري پريشان ۔نامعلوم ڏوهاري 786ايمبولنس ڦر ڪري فرار

سکر(بيورورپورٽ)سکر شھر ۾ چوري ۽ ڦر جي وارداتن سبب شھري پريشان ۔نامعلوم ڏوهاري 786ايمبولنس ڦر ڪري فرار ۽ سکر شھر مان گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چورائي فرار ٿي ويا مالڪن جي حد ٿاڻن تي رپورٽ داخل خبر موجب سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد پراڻي ڊي آء جي آفيس سکر لڳ بيٺل 786 ويلفيئر جي ايمبولنس کي نامعلوم شخص مريض کڻائڻ بهاني وٺي وڃڻ بعد ڦري ڪري فرار ٿي ويو ايمبولنس مالڪ گوگا شاھ حد ٿاڻي تي داخل ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته 786 ويلفئر ايمبولنس نمبر سي واء 8798 ڪامران نالي ڊرائيور هلائيندو آھي گزريل رات اڻڃاتل شخص ڊرائيور ڪامران ميراڻي کي چيو ته سندس امڙ بيمار آھي درگاھ محمد شاھ پاڙي قريشي ڳوٺ پراڻو سکر مان مريض کي اسپتال کڻي اچڻو آھي ڊرائيور جڏهن قريشي ڳوٺ پهتو ته هٿيار بندن کيس گاڏي سميت اغوا ڪري صالح پٽ واري علائقي ۾ کڻي وڃڻ بعد ڊرائيور کي صبح جو ويران زمينن تي ڇڏي ايمبولنس ڪاهي فرار ٿي ويا آھن۔هوڏاهن سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باغ حيات علي شاھ پاڙي ۾ اعظم ڪمبوھ نالي شھري جي گهر ٻاهران بيٺل سي ڊي سيونٽي موٽر سائيڪل نمبرskd.4917 ماڊل 1998 چورائي فرار ٿي ويا۔سکر ۾ وڌنڌڙ چورين ۽ ڦر جي وارداتن سبب شھري عدم تحفظ جو شڪار بڻجي ويا ايس ايس پي سکر کان امن امن جي صورتحال کي بهتر بنائڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔

پنھنجي راءِ لکو