ٺڪراٺو : برساتن کانپوء علائقي ۾ آيل تباهي ۽ علائقي مان برساتي پاڻي جي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ مالي مدد نه ڪرڻ خلاف،هاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

ٺڪراٺو : برساتن کانپوء علائقي ۾ آيل تباهي ۽ علائقي مان برساتي پاڻي جي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ مالي مدد نه ڪرڻ خلاف ايوان زراعت جي ضلع جرنل سيڪريٽري حاجن مهر عهديدارن محمد عثمان مهر ۽ ٻين  آبادگارن پاران هاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ کانپوء عدالتي حڪم تي  ضلعي انتظاميا پاران کلي ڪچهري علائقي واسين انتظاميا آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا 
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ھاء ڪورٽ سکر جي حڪم تي ضلعي سکر جي پوئتي پيل 4 يوسين مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ برسات متاثرن کي امدادي سامان ۽ ڊٿل گھرن جا معاوضا نه ملڻ جون شڪايتون ٻڌڻ لا۽ زراعت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي سي سکر پاران يوسي ڍنڍي ۾ کليل ڪچھري ڪوٺائي وئي آھي جنھن ۾ چئني يوسين ڍنڍي مبارڪپور روپھر ۽ سنڱرار جي ماڻھن شرڪت ڪري شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ان موقعي تي کليل ڪچھري ۾ زراعت کاتي جي سيڪريٽري اعجاز مھيسر ڊي سي سکر ڊاڪٽر شھزاد ٿھيم آڏو شڪايتون ڪندي ٻوڏ متاثرن چيو ته ضلعي سکر جي پوئتي پيل 4 يوسين روپهر ، مبارڪپور ، ڍنڍي ۽ سنگرار ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي پر ان کي نيڪال ڪرائڻ لا۽ ڪنھن به نوٽيس ناھي ورتو فصل نه پوکي سگھڻ سبب معاشي طور تي تباھ ٿي ويا آھيون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون شڪايتي ماڻھن چيو ته برسات دوران گھر ڊھي ويا آھن سروي ٿيڻ باوجود معاوضو نه مليو آھي ڪيترائي غريب کليل آسمان ھيٺ سيءُ ۾ گذاري رھيا آھيون امدادي سامان به نه مليو آھي نه ئي وري خيما ۽ ڪمبل مليا آھن اٽو مقرر اگھ کان وڌيڪ وڪرو ٿيڻ جي ڪري ٻه ويلا ماني ڳڀي لا۽ پريشان آھيون شڪايتون ڪندڙن کليل ڪچھري ۾ موجود زراعت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي سي سکر آڏو مطالبو رکيو ته نوٽيس وٺي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ بند ڪئي وڃي اٽو سستو ڪيو وڃي ۽ سروي ٿيل گھرن جو معاوضو ڏئي غريبن کي رليف ڏنو وڃي
ٻي پاسي ھاء ڪورٽ ۾ درخواست ڪرائيندڙ ايوان زراعت ضلع سکر جي جرنل سيڪريٽري حاجن مهر سوشل ورڪر محمد عثمان مھر ۽ ٻين ٻڌايو ته ھا۽ ڪورٽ سکر ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ غريب عوام کي رليف نه ملڻ تي پٽيشن داخل ڪرائي ھئي ان تي ڪورٽ سڳوري آفيسرن کي حُڪم ڪيو ھيو ته عوام جون شڪايتون ٻڌو جنهنڪري اڄ ضلعي انتظاميا ۽ زراعت جا آفيسرن پاران هتي کلي ڪچهري ڪئي آهي جنهن ۾ اسان پنهنجا اهنج ٻڌايا آهن ، جڏهن ته زراعت جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاران دعوي ڪئي ته اوقعي سنڌ ۾ کاڌ جي هٿرادو کوٽ آهي ۽ اها کاڌ جي بليڪ سنڌ مان افغانستان ملڪ ڏانهن کاڌ جي اسمگل طور سامهون آئي آهي جتي يوريا کاڌ 14 هزار روپه وڪري ٿي رهي آهي ۔ ان تي ڊي سي سکر 15 ڏينھن اندر ڄاڻايل يوسين ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ سميت متاثرن کي خيما ۽ ڪمبل ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي.

پنھنجي راءِ لکو