ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ،ڪرمپور لڳ ڪجهه هفتا اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل تعلقي خانپور جي ڳوٺ چاڪر جعفري رهواسي ميرخان جعفري جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف جعفري برادري جي غلام مصطفي’ جعفري, هزارخان جعفري, چاڪر جعفري جعفري اتحاد جي چيئرمين ايڊووڪيٽ محمد خان جعفري وائيس چيئرمين گل حسن جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪرمپور ڪيڊٽ ڪاليج ڀرسان بگن خان بجاراڻي لاڙو وٽ ڪنڌڪوٽ شڪارپور روڊ بلاڪ ڪري انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي ڪرمپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي, مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪرمپور شھر ۾ بنگوار برادري جي هٿياربندن هٿان اسان جي نوجوان ميرخان جعفري کي بيگناه بي دردي سان قتل ڪيو هو, ڪرمپور پوليس هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي, هنن چيو ته جوابدارڌر کي بااثر سياسي سپورٽ آھي هنن چيو ته اسان سان انصاف نه ٿيڻ ڪري اسان مجبور ٿي اڄ ڪنڌڪوٽ شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو آھي جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا ڌرڻوجاري رهندو, ٻئي طرف ڊي, ايس, پي يارمحمد رند ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڪامياب ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي ٽريفڪ کي وڃڻ ڏنو, مقتول جي ڀاءُ هزار خان جعفري ۽ آل پاڪستان جعفري اتحاد جي اڳواڻن ٻڌايو ته پوليس 3 ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جي مهلت تي روڊ کولرايو آهي, 3 ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ٿيا ته وري ڌرڻو هڻنداسي.
