ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ گولا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران بنھي ڌرين جي ماڻھن ھڪ ٻئي مٿان لٺين جو وسڪارو لاھي ڏنو لٺيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ رحمان، مشتاق، اسماعيل گولو ۽ ٻيا شامل آھن واقعي جي اطلاع تي حد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي کڻائي سول اسپتال آندو جتان ھڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آخري اطلاع تائین پولیس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪري سگھي نه ھي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي،
،،،،،
