ڪنڌڪوٽ : ۾ اٽو بليڪ تي وڪامڻ لڳو ضلعي انتظاميا بي وس خاموش تماشائي بڻيل سنڌ حڪومت فلور مل جو اٽو 98 روپين ۽ چڪيء جو اٽو 105 روپيا مقرر

ڪنڌڪوٽ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ـ ـ ڪنڌڪوٽ ۾ اٽو بليڪ تي وڪامڻ لڳو ضلعي انتظاميا بي وس خاموش تماشائي بڻيل سنڌ حڪومت فلور مل جو اٽو 98 روپين ۽ چڪيء جو اٽو 105 روپيا مقرر ڪرڻ جي باوجود به ڪنڌڪوٽ جي دڪاندارن سنڌ سرڪار جو حڪم هوا ۾ اڏاريدي فلور مل جو اٽو 120 رپيا ۽ چڪيء جو اٽو 140 روپين ويڪرو ڪرڻ لڳا ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺھياڻي سنڌ حڪومت جي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ۽ شهري سخت پریشان ان موقعي تي محنت مزدوري ڪندڙن چيو ته سنڌ حڪومت جي اٽي سستي ڪرڻ جي حڪم تي دڪاندار ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺھياڻي جي ملي ڀڳت سان عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن نااهل ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺھياڻي جي ڪري ڪنڌڪوٽ جا سفيد پوش غريب شهري ۽ 400 سو روپي کان 500 روپيا ڪمائيندڙ ڏھاڙي دار مزدور مجبور ٿي بليڪ تي ويڪرو ڪندڙ اٽي معافیا جي اڳيان بي وس ٿي منگھي ريت تي اٽو وٿڻ تي مجبور آهن ۽ فاڪا ڪشي جي زندگي گذارڻ لڳا وڌيڪ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺھياڻي کي ضلعي ڪشمور مان ھٽائي ڪري ان جي جاءِ تي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي جيڪو سنڌ سرڪار پاران مقرر ڪيل اٽي جي ريٽن تي عملدرآمد ڪرائيندي اٽي معافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري عوام کي مڪمل رليف ڏياري سگهي

پنھنجي راءِ لکو