ڪنڌ ڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ عبدالرزاق باجڪاڻي جي رھواسڻ بيواھ عورت جو سڳي ڀائرن ۽ تنگواڻي پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ان سلسلي ۾ بيواھ عورت مسمات ڪمالان خاتون لاشاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو مڙس ٻھ سال اڳ فوت ٿي ويو آھي جنھن بعد منھنجا سڳا ڀائر خير بخش ۽ خير محمد سميت ھڪ شر پسند اختيار لاشاري مون کي موت مار ڌمڪيون پيا ڏين جڪي منھنجي نياڻين کي ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪرڻ چاھين ٿا جن پھرين به منھنجي ھڪ نياڻي وڪرو ڪري ڏوڪڙ ھضم ڪيا آھن عورت وڌيڪ ٻڌايو ته ڀائرن کان تنگواڻي پوليس رشوت وٺي مون خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي جن خلاف مان عورت سڳوري ۾ درخواست ڏني آھي جنھن مان انصاف جي اميد آھي بيواھ عورت ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سميت وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي ڀائرن خلاف قانوني ڪاروائي سميت تحفظ ڏيڻ جي پڻ گھر ڪئي آھي
