سکر: سميت ملڪ جي ٻين شھرن ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون۔

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)سکر سميت ملڪ جي ٻين شھرن ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون۔گڊو سميت ٻين بجلي فراهم ڪندڙ يونٽن ۾ خرابي سبب بجلي فراهمي سومر ڏينهن جو صبح کان ئي گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن کان بلوچستان ۽ سنڌ جي شھرن ڏاهن ويندڙ ٽرانسميشن لائن ۾ خرابي۔سنڌ ۔بلوچستان۔پنجاب جي ڪيترن شھرن کي بجلي فراهمي بند ٿي وئي جنهن سبب ڪاروباري سرگرميون سخت متاثرٿيون ۔24 ڪلاڪ بعد مرحليوار بجلي سپلائي بحال ٿيڻ لڳي ان ڏس ۾ پاورڊويزن ذريعن جو چوڻ آھي ته ٽرانسميشن لائن ۽ پاور پلانٽ وچ۾ رابطو نه ٿيڻ سبب بجلي فريڪوئينسي گهٽجي وئي فريڪوئينسي جي گهٽجي وڃڻ ڪري ڪيسڪسيڊنگ ٿي وئي جنهن سان پاورپلانٽ ٽرپ ٿي ويا آھن جن جي بحالي وارو ڪم تيزي سان ٿي رهيو آھي۔ واضح رهي ته۔ گڊو ۽ ٻين بجلي پيدا ڪندڙ يونٽن جي مين سپلاء لائن ۾ خرابي پيدا ٿيڻ ڪري سکر سميت بلوچستان۔پنجاب ۽ ٻين صوبن جي ڪيترن ئي شھرن کي بجلي فراهمي بند ٿي وئي ڪجھ ڪلاڪن بعد مرحليوار بجلي فراهمي بحال ٿيڻ جا اطلاع جڏهن ته 12ڪلاڪ گزرڻ باوجود سکر ۾ بجلي بحال نه ٿي سگهي هئي۔بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ ڪري ڪاروباري ۽ گهريلو وهنوار سخت متاثر ٿي ويو۔

پنھنجي راءِ لکو