ڪنڌڪوٽ (ڊسٽرڪٽ رپورٽر ) ڪنڌڪوٽ شھر جي اھم ترين علائقي مختيار ڪار آفيس ڀرسان گورنمينٽ نيو مرزانپور گرلز ھاء اسڪول جو ٺيڪيدار ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي نااھلي سبب مرمتي ڪم نه ٿيڻ واريون خبرون ۽ رپورٽ مھراڻ ٽي وي تي نشر ٿيڻ ۽ رھواسين جي شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر منور مٺياڻي نوٽيس وٺندي اسڪول پھچي اسڪول جي صورتحال جو معائنو ڪندي ـ نياڻين جي اسڪول جي خراب صورتحال ڏسي ٺيڪيدار شبير احمد کوسو ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي انجنيئر مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ٺيڪيدار ۽ انجنيئر خلاف ڪاروائي ڪري اسڪول جو جلد مرمتي ڪم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ـ ان موقعي ڊي سي منور مٺياڻي جو چوڻ ھو ته نيو مرزانپور گرلز ھاء اسڪول جي خراب صورتحال جو معائنو ڪيو آهي اسڪول جو وقت سر مرمتي ڪم ڪرائڻ اسڪيم ڏني وئي ھئي جنھن جو ٺيڪيدار ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي انجنيئر جي ڪوتاھي سبب وقت سر مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري اسڪول جي شاگردياڻين ۽ اسڪول انتظاميا کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رھيو آهي ـ ٺيڪيدار ۽ انجنيئر خلاف ڪاورائي ڪئي ويندي ـ ڊي سي وڌيڪ چيو ته اسڪول جي بھتري لاء فوري تي قدم کڻي اسڪول جي عمارت جو مرمتي ڪم جلد مڪمل ڪرائي ھر بنيادي سھولت مھيا ڪئي ويندي ـ
