اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پارٽي ميمبرن جون وڌيڪ استعيفائون منظور ڪرڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسپيڪر راجا رياض کي بچائڻ لاءِ اهو قدم کنيو ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته محدود انگ ۾ اسيمبلي وڃڻ جو مقصد راجا رياض کي اپوزيشن اڳواڻ جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ هو. هن قومي اسيمبلي جي ڪابه حيثيت ناهي جو اسان ان ۾ واپس وڃون هن چيو ته هن وقت شهباز حڪومت 172 ماڻهن جي حمايت وڃائي چڪي آهي. امپورٽيڊ وزيراعظم حڪومت بچائڻ جي لاءِ لوٽن تي ڀاڙي رهيو آهي. جڏهن ته راجا رياض کي بچائڻ جي لاءِ اسپيڪر جي کنيل قدمن جي نتيجي ۾ 40 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي چڪيون آهن فواد چوڌري چيو ته ملڪ چونڊن جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو آهي. هن بحران جو هڪڙو ئي حل قومي چونڊون آهن. حڪومت ڪيترو وقت عوام کان ڀڄندي آخري فيصلو وري به عوام کي ڪرڻو آهي ۽ اهو فيصلو ووٽ سان ٿيندو
