اسلام آباد :بجلي جو نظام مڪمل بحال ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ 48 ڪلاڪن تائين بجلي جي کوٽ رهندي، خرم دستگير

اسلام آباد: بجلي بابت وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ بجلي جو نظام مڪمل طور تي بحال ڪري ڇڏيو آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته ملڪ ۾ اين ٽي ڊي سي جا 1112 گرڊ اسٽيشن آهن جن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ سموري ملڪ ۾ بجلي جو نظام مڪمل طور تي بحال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن صبح ساڍي ستين وڳي ٽيڪنيڪي خرابي ٿي هئي جنهن جي اڃان تائين خبر ناهي پئجي سگهي بجلي واري وزير چيو ته بجلي جي پلانٽن کي ٻيهر شروع ٿيڻ ۾ 24 کان 48 ڪلاڪ گهرجن جڏهن ته ڪوئلي جي پلانٽن کي به هلائڻ لاءِ 2 ڏينهن لڳندا ان لاءِ ايندڙ 48 ڪلاڪن تائين ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ رهندي. جنهن سبب ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ رهندي جڏهن ته 2 ڏينهن کان پوءِ سڀ ڪجهه بحال ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بجلي جا ڪارخانا هلائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ تيل موجود آهي خرم دستگير موجب اسان کي جاچ ڪرڻي پوندي اسان جو سسٽم هيڪنگ ذريعي ٻاهران مداخلت ته ناهي ٿي ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي ويندي. انٽرنيٽ ذريعي ٻاهرين مداخلت جو گهٽ امڪان آهي. وزيراعظم شهباز شريف به 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي مصدق ملڪ ڪندو

پنھنجي راءِ لکو