سکر(بيورورپورٽ)جيڪب آباد جي اسڪولن جي مرمت ۾ ڪرپشن بابت اعجاز جکراڻي خلاف جاچ معاملو احتساب عدالت نمبر ٽي پاران جيلن واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي ان سلسلي ۾ سکر جي احتساب عدالت جي جج ناصر الدين شاهه جي عدالت اعجاز جکراڻي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران اعجاز جکراڻي عدالت ۾ پيش ٿيو ۔اعجاز جکراڻي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته نيب اعجاز جکراڻي ۽ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن خلاف سرڪاري اسڪولن جي مرمت فنڊن ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪري پئي عدالت اعجاز جکراڻي جي پڪي ضمانت منظور ڪري عدالت وڪيل جي استدعا تي غور ڪندي پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي۔
