سکر:ملڪي معيشت جي خراب صورتحال تي ايوان صنعت ۽ تجارت

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)ملڪي معيشت جي خراب صورتحال تي ايوان صنعت ۽ تجارت سکر جي صدر بلال وقار خان اڳوڻن صدور عامرغوري۔محمددين۔نائب صدر گرداس واڌواڻ۔ڪامل فاروقي سان گڏ ايوان صنعت و تجارت سکر آفيس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي حڪمرانن کي هٿ ٻڌي گزارش ڪئي آھي ته ملڪ جي معيشت جي بهتري لاء سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي۔بلال وقار خان چيو ته بنيادي اشوز جي ڪري ايل سي بند ڪئي وئي آھي ايل سي بند ٿيڻ ڪري کاڄرو تيل سميت روزاني استعمال وارو سامان ۽ واهپي جا ڪارخانا بند ٿي رهيا آھن بلال وقار خان انڪشاف ڪيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ڪجھ ڏينهن ۾ 400 ڪاٽن ۽ ٻيون فيڪٽريون بند ٿي وينديون جنهن سان 6ڪروڙ ماڻهون بي روزگار ٿي ويندا جڏهن ته اسان جي ريمنٽنس 19 سيڪڙو رهجي وئي آھي ملڪ ۾ گاڏين جا ڪارخانا بند ٿي ويا آھن جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته آھستي آھستي سمورا ڪاخانا بند ٿي ويندا ايوان صنعت و تجارت سکر جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسن ٻڌون پيا ته آء ايم ايف پئسا ڏيندو۔اسلامي بينڪ پيسا ڏيندي۔فلاح بينڪ پئسا ڏيندو پر اهي صرف ڳالهيون آھن پئسا ڪوبه نه پيو ڏئي روزاني استعمال ۽ واهپي جي شين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن ملڪ ۾ بوم اينڊ بڪس سسٽم هلي پيو حڪومت وٽ آء ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءٻيو ڪوبه رستو ناهي جيڪڏهن آء ايف ايف وٽ نه ويا ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي ويندو آء ايم ايف کان شروع ٿي اتي ئي ختم ٿي ٿو ڇا ٻيو ڪو رستو ناهي ايڪسپورٽ وڌائڻ گھرجي ڪنهن زماني ۾ ملڪ اندر موٽرسائڪلن ۔موٽر گاڏيون تيار ٿينديون هيون پر حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري اهي پرڏيهي ڪمپنين جا ڪارخانا بند ٿي ويا ايوان صنعت و تجارت سکر جي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن بعد سڀ ڪجھ ٺيڪ هوندو آھي پوء اوچتو آء ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آھي آخر ٻيو ڪو رستو ڇو ناهي جو محتاجي ختم ٿي وڃي پيٽرول کانپوء پام آئل وڏي ايمپورٽڊ آھي دالين ۽ ٻئي کاڄرو شين جي امپورٽڊ تي پابندي نه مڙھي وڃي حڪومت کي پنج کان ڏھ سالن تائين لوڪلائيز ڪرڻ گهرجي ها پر نه ڪيو زراعت کي هٿي وٺرائڻ لا ايگري ڪلچرل يونيورسٽيون قائم ڪرڻ گھرجي ها ماڻهون ڊالر تجورين ۾ ڀري رهيا آھن انهن کي ايمنسٽي ڏئي ته ڊالر بينڪن ۾ جمع ڪرائن 70 سي سي موٽر سائيڪل ۽ 500 سي سي ڪار وارو هڪ جيتري ٽيڪس ادا ٿو ڪري هيٺين طبقي کي سبسڊي ڏيڻ گهرجي۔حڪومت ليبر ۽ سرمائيدار کي هڪ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي ٽيڪس هيٺين طبقي بجاء اميرن تي لاڳو ٿيڻ گهرجي اسان سڀني سياسي جمائتن کي گزارش ٿا ڪريون ته سياسي اختلاف هڪ طرف رکي ون ايجڊا ملڪي معيشت جي بحالي لاء گڏجي ڪردار ادا ڪن۔

پنھنجي راءِ لکو