ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،غوثپور۔ شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي مڇي ٻنڍو واري علائقي ۾ اڄ صبح جو اسر ويلي ڇھ اڻ ڄاتل ھٿياربندن جي ايندڙ ويندڙ گاڏين مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي ويئي۔ ھٿياربندن سکر کان مردان مڇي کڻي ويندڙ مزدا تي فائيرنگ ڪري ڪنڌڪوٽ جي رھواسي مزدا جي ڊرائيور ظفر علي گولو کي لاھي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔۔ فائيرنگ ۾ مزدا جو ڪلينر ڳوٺ چمني جو رھواسي بشير بھلڪاڻي به سخت زخمي ٿي پيو۔ لڳاتار ڌاڙيلن جي فائيرنگ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو۔ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي جو گھيرو ڪيو پر ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ٻئي پاسي واقعي جو اطلاع ملڻ تي مغوي ڊرائيور جي وارثن مقدم علي بخش گولو۔ اسد گولو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳڙھي لاڙو وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب سوين گاڏيون بيھجي ويون آھن ۽ عوام کي سخت ڏکيائن سان منھن ڏيوڻو پئجي رھيو آھي۔ آخري اطلاعن موجب ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ يار محمد رند ۽ ايس ايڇ او ڪرمپور واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن کان ٽن ڏينھن جي مھلت وٺي روڊ کولرايو آھي۔ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي
