اسلام آباد: احتساب عدالت آصف زرداري کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو، پارڪ لين ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻيو ويو

اسلام آباد: احتساب عدالت آصف علي زرداري کي وڏو ريليف ڏيندي پارڪ لين ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ريفرنس واپس اماڻڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت اڄ دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا لاڳاپيل ڪيس احتساب عدالت جي اختيار ۾ نه هجڻ تي ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو ياد رهي ته ان کان اڳ به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 2 ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻيا ويا هئا جن ۾ توشه خانه ۽ اٺ ارب روپين جي ٽرانزيڪشن جا ڪيس شامل آهن جيڪي نيب ڏانهن واپس ٿي چڪا آهن

پنھنجي راءِ لکو