اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ گرفتار ٿي ويو. فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد پوليس گرفتار ڪيو. پوليس ذريعن موجب فواد چوڌري کي سندس رهائشگاهه ويجهو گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن جي تصديق پي ٽي آءِ اڳواڻ فرح حبيب طرفان ڪئي وئي آهي. فرخ حبيب ٽوئيٽ ڪئي آهي ته فواد چوڌري کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي
گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي هٿڪڙيون لڳائي لاهور جي ڪينٽ ڪچهري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس طرفان فواد چوڌري کي اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي فواد چوڌري جي وڪيل طرفان راهداري رمانڊ تي اعتراض ڪيو ويو، عدالت پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو،اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي درخواست تي گذريل رات دير سان فواد چوڌري تي ڪوهسار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو،فواد چوڌري جي پيشي جي موقعي تي وڪيلن طرفان گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته ايتري پوليس منهنجي پويان لڳائي وئي جيئن جيمز بانڊ کي پيش ڪري رهيا آهن. منهنجو ته راهداري رمانڊ به نٿو بڻجي. منهنجو ميڊيڪل ڪرايو وڃي. مون کي دهشتگردن جيان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
