جهلم: پوليس فواد چوڌري جي ڀاءُ کي به گرفتار ڪري ورتو، پي ٽي اءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ٽي روڊ تي احتجاج ڪيو جنهن ۾ فواد چوڌري جو ڀاءُ فراز چوڌري ۽ اڳوڻو ايم پي اي چوڌري ظفر به موجود هئا
پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف جي ٽي روڊ تي تي احتجاج ڪيو جنهن ۾ فواد چوڌري جو ڀاءُ فراز چوڌري ۽ اڳوڻو ايم پي اي چوڌري ظفر پڻ موجود هئا پوليس فواد چوڌري جي ڀاءُ فراز چوڌري کي گرفتار ڪري ورتو. جنهن جي تصديق پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري طرفان به ڪئي وئي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري فراز چوڌري جي گرفتاري جي پڻ تصديق ڪئي. فواد چوڌري جو ڀاءُ فراز چوڌري پارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري به آهي
