روھڙي :پٽڻي نيشنل هاءِ وي تي ٽن نامعلوم هٿياربندن پاران موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش

روھڙي :پٽڻي نيشنل هاءِ وي تي ٽن نامعلوم هٿياربندن پاران موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿياربندن ٻن نوجوانن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو نامعلوم هٿياربندن پنو عاقل کان سکر ويندڙ موٽر سائيڪل سوار ٻن نوجوانن شهزاد ۽ ڀورل گهنڃو کي پٽڻي نيشنل هاءِ وي اور فلائي پل وٽ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ نوجوان کين هٿين پئجي ويا سخت مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي کين مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ با آساني ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هوڏانهن زخمي نوجوانن کي طبي امداد لاءِ روهڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو