سکر:پير مسافر جي ويجھو رهندڙ عوام پاران پير جي قبرستان جو ڇھ مهينن کان پاڻي نه نڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي، تفصيل موجب جیئي شاھ ڪميٽي يوسي 6 جي لڳ ڳوٺ محراب خان کوسو جي ڀرسان مسافر پير جي قبرستان جو پاڻي ڇھ مهينن باوجود پاڻي نه نڪري سگهيو، پير جي ويجھو رهندڙ غورو شيخ، سومر علي شيخ، رکيل علي ڌاريجو،مشتاق ۽خدمت ڪندڙ مزاور ٻڌايو ته هي پير مسافر پير نالي سان سڏيو ويندو آهي آء هتي ٽريهن سالن کان خدمت ڪندو آهيان هتي اسان جا وڏا ۽ پاڙي جا معزز پڻ موجود آهن، پر هن ٻوڏ واري پاڻي ۽ ڊرينج جي پاڻي قبرستان کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ته هي پاڻي پير جي مزار تائين پهچڻ لڳو آهي اسان وس وارن ۽ انتظاميا کي گذارش ٿا ڪيون ته پير جي قبرستان جو پاڻي ڪڍرائي چئوڌيواري ڪرائي ڏني وڃي.
