سکر :آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج
تفصيل موجب سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي آئي بي اي ٽيسٽ اميدوارن غلام مصطفيٰ سومرو، فخرالدين جعفري، شاهد گهنيو ۽ ٻين چيو ته اڃا تائين پي ايس ٽي جا آفر آرڊر نه مليا آهن، سنڌ ۾ هارڊ ايريا جو ڊرامو رچائي ٻه پاليسيون اختيار ڪيون ويون، هڪ سنڌ ۾ ٻه پاليسيون قبول نه ڪيون وينديون ، هارڊ ايريا ٺاهي 33 مارڪون رکندڙن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، 39 مارڪون وٺندڙن کي آرڊر نه ڏنا پيا وڃن. وڌيڪ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سمورن 33 پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن.
