قمبر: درگاهه حسين آباد جو گادي نشين ۽ سنڌ جو مشهور بزرگ سيد غلام حسين شاهه بخاري 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سيد غلام حسين شاهه جي طبيعت ڪافي عرصي کان خراب هئي هو سيني ۽ ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هو. جنهن سبب کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هن اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيو سيد غلام حسين شاهه جي لاڏاڻي واري خبر کان پوءِ قمبر ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي. جڏهن ته درگاهه حسين آباد وارو علائقو سوڳ ۾ بند ٿي ويو آهي
