لاهور: تحريڪ انصاف وفاقي حڪومت طرفان عمران خان مٿان وزير آباد ۾ حملي واري ڪيس جي جاچ لاءِ ٺاهيل جي آءِ ٽي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي،تحريڪ انصاف ڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان جوڙيل جي آءِ ٽي غيرقانوني آهي پنجاب حڪومت جاچ جي لاءِ اڳ ئي جي آءِ ٽي ٺاهي آهي ياسمين راشد استدعا ڪئي آهي ته هڪ جي آءِ ٽي جي موجودگي ۾ ٻئي جي آءِ ٽي نٿي ٺاهي سگهجي ان ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت طرفان ٺاهيل جي آءِ ٽي کي ڪالعدم قرار ڏئي. درخواست جي حتمي فيصلي تائين جي آءِ ٽي کي ڪم کان روڪيو وڃي
