ڪراچي: اسحاق ڊار پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان سواءِ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب وڏو نقصان ٿيو، مفتاح اسماعيل

ڪراچي: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ عجيب سسٽم قائم ٿي چڪو آهي. هڪ ننڍي اشرافيه اسان جا سمورا فيصلا ڪري رهي آهي نچي جينل سان ڳالهيون ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته هر ملڪ اسان کان اڳيان نڪري رهيو آهي پر پاڪستان ڏينهن به ڏينهن پوئتي پيو وڃي جنهن جو سبب گورننس جو بهتر نه هجڻ آهي مفتاح اسماعيل چيو ته مقامي سطح تي جڏهن اختيار منتقل نه ٿيندا ته گورننس صحيح نه ٿيندي. اسان کي هيٺين طبقي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته اسان جمهوري طرز حڪومت ۽ صدارتي سسٽم کي ڏٺو آمريت کي به ڏسي ورتو، ملڪ ۾ عجيب ايليٽ سسٽم قائم ٿي چڪو آهي، جنهن کي سڌارڻو پوندو. هڪ ننڍي ايليٽ ڪلاس پاڪستان جا فيصلا ڪري رهي آهي. اسان به هن سسٽم کي تبديل نه ڪري سگهياسين ان لاءِ اسان به ڏوهاري آهيون تازو ئي شروع ٿيندڙ نيشنل ڊائيلاگ ۽ نئين سياسي پارٽين جي حوالي سان پڇيل سوال تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته مان مسلم ليگ(ن) جو ئي حصو آهيان پارٽي منهنجي خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي پر مستقبل ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي اسحاق ڊار بابت پڇيل سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته اسحاق ڊار عوام ۾ منهنجي خلاف ڳالهيون ڪيون ۽ منهنجي صلاحيت تي سوال اٿاريا جنهن جو مون جواب ڏنو. خبر ناهي ته اسحاق ڊار کي ڇو آندو ويو. پر ڊار اهو سوچيو ته شايد هو آءِ ايم ايف کان سواءِ ملڪ کي هلائي سگهي ٿو. هن ڪوشش ڪئي جنهن سبب پاڪستان کي وڏو نقصان پهتو. حڪومت هاڻ ان ڳالهه تي راضي ٿي وئي آهي ته آءِ ايم ايف جون سخت شرطون مڃڻيون پونديون

پنھنجي راءِ لکو