اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي خدا قائم ڪيو آهي ۽ اهو اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو ڪلمي جي نالي تي ٺهيو، ان جي ترقي ۽ خوشحالي خدا جي ذمي آهي اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته جيڪو ڊرامو 5 سال اڳ شروع ٿيو، پاڪستان اڄ ان جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ معيشت مضبوط ٿي رهي هئي، اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ڏکڻ ايشيا ۾ بهترين هئي ۽ دنيا ۾ پنجين نمبر تي هئي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي وڏا چئلينجن مليا آهن، شهباز شريف جي ليڊرشپ ۾ سڄي ٽيم رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي، نيت ۽ محنت جي ضرورت آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته حالتون بهتر ڪيون، ڪوشش ڪنداسين ته چونڊن کان اڳ بهتري آڻيون، توهان وٽ تاريخ موجود آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ ڪنهن ڪم ڪيو سندس چوڻ هو ته خدا همت ڏيندو، منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو، خدا پاڪستان کي قائم ڪيو ۽ هي اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو ڪلمي جي نالي تي ٺهيو، سعودي عرب به ڪلمي جي نالي تي نه ٺهيو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي خدا جي ذمي آهي
