سکر(بيورورپورٽ)تعليمي بورڊ سکر پاران سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کان امتحاني في وصولي خلاف گورنمنٽ ٽيچرس ايسوسي ايشن (گسٽا)سٽي ۽سب ڊويزن سکر جي استادن پاران سکريس پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ شھزاد عباسي۔عبدالوهاب۔بشيراحمد شيخ۔زاهد حسين مهر۔نديم قريشي ۽ ٻين استاد اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن جي امتحاني في ختم ڪرڻ باوجود افسوس سان چوڻو پويٿو ته سکر تعليمي بورڊ زبردستي امتحاني فيس وصول پيو ڪري جيڪو عمل امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻن سان وڏي ناانصافي آھي ۔استاد اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيئرمين تعليمي بورڊ سکر رفيق احمد پلھ تعليمي بورڊ سکر کي رشوت جو ڳڙھ بڻائي ڇڏيو آھي سندس خلاف شڪايتون ڪرڻ تي استادن کي ڌمڪائي رهيو آھي۔گسٽا اڳواڻن لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته سکر تعليمي بورڊ طرفان زبردستي امتحاني في وصولي جو نوٽيس وٺندي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسٽوڊنٽس کي رليف ڏيارڻ لاء ڪردار ادا ڪيو وڃي۔
