سکر (رپورٽ يارمحمد سومرو) پاڪ ميمڻ سوسائٽي جي رھواسين جو سوسائٽي جي چيئرمين گل مھر خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،پاڪ ميمڻ سوسائٽي جي رھواسين خليل احمد ڪاڪيپوٽو، غلام علي شر،ايڊووڪيٽ اياز ڀيو،شاھ بخش سولنگي،بشير مھر، خادم وڌيو، اياز نوناري،۽ ٻين سوسائٽي جي چيئرمين گل مھر خلاف احتجاج ڪندي چيو آھي ته سوسائٽي جو چيئرمين گل مھر ۽ سيڪريٽري جي ملي ڀڳت اسان جي سوسائٽي تباھي جو شڪار بڻجي وئي آھي پوري سوسائٽي ڪچري جو ڍير بڻيل آھي ان گندگي سبب اسان جا ٻچڙا بيماري۾ مبتلا ٿي چڪا آھن ھنن چيو ته اسان کان ڊويلپمنٽ چارجز جا ڊبل پئسا ورتا ويا آھن پر ان باوجود سوسائٽي۾ ڪو ترقياتي ڪم نه پيو ٿئي ۽ جيڪي اسان پئسا چيئرمين وٽ جمع ڪرائيون ٿا ته ان جي ڪابه رسيد ڪو رڪارڊ ڪجھ به نٿو ڏنو وڃي اسان جون فائلون به رشوت عيوض روڪيون ويٺو آھي اسان اينٽي ڪرپشن، ڊي آر آفيس ۾ به شڪايتون ڪري چڪا آھيون پر ان باوجود اسان جو ڪو به تدارڪ نٿو ٿئي ۽ جڏھن اسان سوسائٽي جي فنڊ بابت پڇا ٿا ڪريون ته پوء گل مھر اسان کي موت مار ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو اسان ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کي اپيل ٿا ڪريون ته گل مھر خلاف انڪوائري ڪرائي کيس سخت سزا ڏئي اسان کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن
