ٺڪراٺو :زنده ماڻھن سان ته هر ويڌن تي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل هوندي آهي پر هن ايڏي وڏي واقعي يعني مرده انسانن جي بي حرمتي تي به انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي , ٺڪراٺو ۾ قبرن جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا علائقي واسين ۾ مايوسي ڇانئيل ٺڪراٺو جي قديمي قبرستان ۾ قبرن جي کوٽائي ڪري بيحرمتي ڪندڙ جوابدار مبارڪپور پوليس گرفتار ڪري نه سگھي جيڪڏھن قبرن جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا ته قبرن جي بيحرمتي جا واقعا وڌندا رھندا ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڏئي سڄاڻ شھرين جو مطالبو
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) چار ڏينهن اڳ ٺڪراٺو جي قديمي قبرستان سومر شھيد ۾ قبرن جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدارن کي مبارڪپور پوليس 4 ڏينھن گذرڻ باوجود گرفتار ڪري نه سگھي جنهنڪري ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي عام ماڻھن کي اچرج اچي ويئي ته زنده ماڻھن سان ته هر ويڌن تي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل هوندي آهي پر هن ايڏي وڏي واقعي يعني مرده انسانن جي بي حرمتي تي به انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي ان سلسلي ۾ ھتان جي سڄاڻ ڌرين ٻڌايو ته گذريل 4 ڏينھن اڳ قبرستان ۾ 3 جوابدارن قبرون کوٽي بيحرمتي ڪري فرار ٿي ويا جن جوابدارن جي دڪاندار پاران نشاندھي ڪرڻ باوجود جوابدار پڪڙجي نه سگھيا آھن ھُنن چيو ته لڳي ٿو پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي کين بچائڻ چاھي ٿي شھرين ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته قبرن جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري مئلن جي قبرن سان بيحرمتي جي واقعن کي روڪيو وڃي___
