سکر :ايجوڪيشن ڪاليجز گورنمينٽ آف سنڌ پاران پنجين سنڌ ڪاليجز گيمز جي مقابلن جو سلسلو سکر ريجن ۾ جاري

سکر :سيڪريٽري ڪاليجز ايجوڪيشن سنڌ احمد بخش ناريجو جي هدايت تي ڊائريڪٽر ڪاليجز سنڌ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن ڪاليجز گورنمينٽ آف سنڌ پاران پنجين سنڌ ڪاليجز گيمز جي مقابلن جو سلسلو سکر ريجن ۾ جاري آهي. ڊگري ڪاليج سکر ۾ انٽر ريجن گرلز ڪاليجز ايٿليٽس (ايونٽ) مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي 12 گرلز ڪاليجن حصو ورتو، نتيجن موجب گرلز ڊگري ڪاليج سکر 110 پوائنٽس سان پهرين، وومين گرلز ڪاليج خيرپور ٻي پوزيشن ورتي. جڏهن ته سوئمنگ ۾ 55 پوائنٽ لکر گرلز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ 85 پوائنٽن سان پوزيشن حاصل ڪئي، تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر طاهر هو، جڏهن ته ٻين مهمانن ۾ ريجنل ڊائريڪٽر آف ڪاليجز پروفيسر عبيدالله ناريجو، پروفيسر شميم بخاري، ڪامران بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن احمر صديقي، ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد بخش قاسمي، سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ۽ فوڪل پرسن سکر ريجن اسفند يار منگي، جڏهن ته ٽيڪنيڪل ۽ آفيسرن محمد امين آرائين، سيد دولت شاهه، فدا حسين شورو، مرتضيٰ ڏاهر، عبدالله مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سليم احمد. ، ان موقعي تي شبانه سومرو، زهرا جبين، مسرت ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، تقريب کي خطاب ڪندي خاص مهمان پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمن ۾ انعام ورهايا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو سنڌ جي هڪ صحتمند سماج جي قيام لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪن ٿا. تعليم کاتي جو تعليم سان گڏ راندين کي به فروغ ڏيڻ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي، راندين جي فروغ سان نه رڳو هڪ صحتمند سماج جي قيام ۾ مدد ملندي آهي پر نوجوان نسل جي ترقيءَ ۾ پڻ مدد ملندي آهي، 5هين سنڌ گيمز منعقد ڪرڻ جو مقصد پڻ آهي. نوجوان نسل کي همٿائڻ لاءِ ته هو پنهنجي اندر ۾ لڪل راند کي راندين جي ميدان ۾ آڻي اڳتي وڌن ۽ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.

پنھنجي راءِ لکو