عمران خان جي الزامن سان منهنجي والد ۽ خاندان لاءِ خطرا وڌي ويا آهن،بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن کان پوءِ منهنجي والد ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن لاءِ خطرا وڌي ويا آهن، عمران خان جي پارٽي اڄ ڏينهن تائين دهشتگردن کي فنڊز ڏيندي آهي منهنجي يا منهنجي خاندان جي ڪنهن به ماڻهو مٿان حملو ٿيو ته عمران خان جي بيان کي آڏو رکيو وڃي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بابت عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ماضي ۾ به دهشتگرد تنظيمن طرفان مون کي ۽ منهنجي پارٽي کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، هاڻ عمران خان منهنجي والد آصف زرداري تي ڪوڙا الزام لڳايا آهن جنهن سان منهنجي خاندان لاءِ خطرا وڌي ويا آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي تاريخ کي ڏسندي اهڙن بيانن کي سنجيدگي سان وٺندا آهيون، عمران خان جي تازي بيان خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئٽ ڪندي بلاول چيو ته عمران خان جڏهن اقتدار ۾ هو ته هن دهشتگردن کي آزاد ڪيو، اهڙي طرح جي ڳالهين کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏينداسين پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس پوئينرن جو دهشتگردن کي سهولتڪاري ۽ همدردي جي حوالي سان دستاويزات به تاريخ جو حصو آهن پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جڏهن حڪومت ۾ هو ته هن جمهوريت پسندن کي گرفتار ڪيو، هن خيبرپختونخواهه کي دهشتگرد تنظيمن جي حوالي ڪيو. اڄ تائين سندس پارٽي دهشتگردن کي فنڊنگ ڪندي آهي، جيڪڏهن منهنجي مٿان، منهنجي والد يا پارٽي تي ڪوبه حملو ٿيو ته ان سڀني جو حساب ورتو ويندو، هن چيو ته عمران خان کي سمجهڻ گهرجي ته هر ڀيري سندس گهر واري کي خواب اچڻ تي هو ٽي وي تي اچي ماڻهن بابت الزام نٿو لڳائي سگهي، سندس گهر واري جي خوابن کي عدالتن ۾ ثابت نٿو ڪري سگهجي عمران خان جو الزام آهي ته منهنجي خاندان جا ڪنهن دهشتگرد تنظيمن سان واسطا آهن اسان جو ڪنهن به دهشتگرد تنظيمن سان واسطو ناهي، نه ئي وري اسان ڪنهن کي ڀرتي ڪري نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جو الزام غير منطقي آهي. اسان سندس الزام کي چئلينج ڪنداسين

پنھنجي راءِ لکو