ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن هزارين رپيا واڌ ٿي وئي
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 6 هزار 500 رپيا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 2 لک 9 هزار رپيا ٿي وئي آهي
اهڙي ريت 10 گرام سون 5 هزار 574 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 79 هزار 184 رپين جو ٿي ويو آهي،هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر ٻه ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1928 ڊالر في اونس آهي
