ڪنڌڪوٽ :غوثپور ڀرسان ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدار ڳيلھو تيغاڻي پنھنجي زال مسمات شرمان خاتون تيغاڻي کي مبينه ڪارنھن الزام ڏيئي بندوق جا فائير ڪري قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) غوثپور ڀرسان ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدار ڳيلھو تيغاڻي پنھنجي زال مسمات شرمان خاتون تيغاڻي کي مبينه ڪارنھن الزام ڏيئي بندوق جا فائير ڪري قتل ڪري ڇڏيو۔ قتل ڪرڻ بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھي۔ ڳوٺ مان مليل ڄاڻ موجب مسمات شرمان خاتون ٻھ ھفتا اڳ گھران ڪنھن پريمي سان نڪري پنجاب جي رحيم يار خان واري علائقي ۾ ھلي ويئي ۽ اڄ پوليس ڳجھي اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ ڇاپو ھڻي کيس بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ھيو جنھن کانپو۽ وارثن سندس ٻھ ھفتا ٻاھر غير مرد سان رھڻ تي مٿس ڪارنھن الزام ڏيئي بندوق جا فائير ڪري قتل ڪري ڇڏيو۔ واقعي کي ٻھ ڪلاڪ ٿي ويا آھن پر لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھي ۽ واقعي جو ڪيس به داخل ڪونه ٿيو آھي ۔

پنھنجي راءِ لکو