اسلام آباد: حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 35 رپيا 35 پئسا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 35 رپين جي وڏي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نوان اگهه فوري طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ جون خبرون سامهون آيون ۽ عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ اٽڪل يارنهن سيڪڙو تائين واڌ ٿي، اسان کي انهن سمورين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو سندس چوڻ هو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 50 رپيا في ليٽر واڌ جون افواهون پکيڙيون ويون، گذريل 4 مهينن دوران هڪ ڀيرو به پيٽروليم شين جا اگهه ناهن وڌايا ويا ويتر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ اٽڪل 20 رپين تائين گهٽتائي ڪئي، جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ 29 ۽ 30 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي هن جو چوڻ هو ته اوگرا طرفان تجويز پيش ڪئي وئي ته پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اگهن ۾ واڌ ڪئي وڃي.
ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپئي جي ملهه جي انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 35 رپيا 35 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 18،18 رپيا في ليٽر واڌ جو فيصلو ڪيو آهي هن ٻڌايو ته تيل جو نئون اگهه 249 رپيا 80 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 262 رپيا 80 پئسا في ليٽر هوندي، اهڙي طرح گاسليٽ جي نئين قيمت 189 رپيا 83 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 187 رپيا في ليٽرهوندي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ صبح يارنهن وڳي کان لاڳو هوندا

پنھنجي راءِ لکو