سکر:نيوپنڊ جي علائقي اسلام ڪالوني ۾ رهندڙ چنا برادري جي ماڻهن بااثرن خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين نصير چنو، ثناء اللہ، نصر اللہ چنو جن نعريبازي ڪندي چيو ته بااثر جوابدار خان محمد سميجو ڏانهن نصرالله چنو جا هڪ لک 80 هزار رپيا قرض آهي، جوابدار اوڌر تي لڪڙا ۽ پترون کنيا هئا، هاڻي پئسا گهرڻ تي جوابدار نصرالله چنو جي ڀاءُ ثناءُ الله تي سندس ننهن سان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هنيو آهي، جنهن بعد جوابدارن خان محمد سميجو، عبدالله، اسد ۽ ٻين گهرن تي حملو ڪري ارسلان چنو کي سخت زخمي ڪيو. ان باوجود نئين پنڊ ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي نٿي ڪري، الٽو جوابدار وڌيڪ حملي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جوابدارن کان اسان کي زندگين جو خطرو آهي، هنن وزيراعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
