سکر(بيورورپورٽ)گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ ايشين اسٽائل ڪبڊي ٽريننگ ڪيمپ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن شرڪت ڪئي، ڪيمپ جو افتتاح تنظيم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، پاڪستان ميڊيا ڪائونسل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر، ڊويزن آفيس سيڪريٽري زاهد شيخ ۽ سنڌ ڪبڊي ايسوسي ايشن جي جنرل سيڪريٽري حاڪم علي ماڪو ڪيو، ان موقعي تي پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل رانا محمد سرور اسلام آباد مان آن لائن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪبڊي جو بهترين ٽيلنٽ موجود آهي، ان کي صرف نمودار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سعيد اعواڻ رانديگرن کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي دور ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ قابل تعريف آهي، جڏهن هر طرف برائي عروج تي آهي ته نوجوانن جو راندين ۾ حصو وٺڻ ئي بهترين عمل آهي، ان سان راندين ۾ واڌارو ٿيندو. جڏهن ته نوجوانن جي ذهني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، ڪبڊي هڪ اهڙي راند آهي جيڪا نوجوانن جي جسماني نشونما ۽ فٽنيس کي بهتر بڻائي ٿي، حڪومتي سطح تي راندين جي واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪبڊي جو بهترين ٽيلنٽ سامهون آڻڻ لاءِ. ڪيمپس روشنيءَ جي ڪرن آهن ھن موقعي رانديگرن شاندار پرفارمنس ڏني.
