لسٻيلو: ڪوئيٽا کان ڪراچي ايندڙ بس لسٻيلي ويجهو حادثي جو شڪار، 40 ڄڻا فوت

لسٻيلو: لسٻيلي جي علائقي ٻيلي ۾ چينڪي اسٽاپ جي ويجهو مسافر ڪوچ جي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 40 ڄڻا فوت، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا
ريسڪيو ذريعن موجب کاهي ۾ ڪرڻ کانپوءِ مسافر ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي، امدادي ڪارروائين دوران شروعاتي طور تي ٻارنهن ماڻهن جا لاش ڪڍيي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ ڪوئٽا کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ٻيلي ۾ چينڪي اسٽاپ جي ويجهو کاهي ۾ ڪري حادثي جو شڪار ٿي وئي ٻيلي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ان حوالي سان ٻڌايو ته حادثي واري جاءِ تي امدادي ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، هنيئر تائين 40 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 4 زخمين کي اسپتال نيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حادثي جو شڪار ٿيل بس مان ڪڍيل لاش گهڻي قدرسڃاڻپ جوڳا ناهن رهيا جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويندي

پنھنجي راءِ لکو