ڪنڌڪوٽ : اناج منڊي جي واپارين جا سور نه گهٽيا گندگي جا ڍير لڳل ناليون ڦاٽڻ لڳيون

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ، ڪنڌڪوٽ اناج منڊي جي واپارين جا سور نه گهٽيا گندگي جا ڍير لڳل ناليون ڦاٽڻ لڳيون مارڪيٽ ڪاميٽي توڙي ضلعي انتظاميا پاران ڪو به تحريڪ نه ورتو ويو اناج منڊي جا انچارج مرلي در ۽ نند لال روڳو بجيٽ کائڻ ۾ پورا آهن ۽ اگھور ننڊ ستل عوام ۽ واپاري پريشان،تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اناج منڊي پاڪستان جي ليول تي ٻئي نمبر تي ھجڻ باوجود سھولتن کان محروم مارڪيٽ وارن واپارين کي سار نه لڌي ضلعي انتظاميا خالي آسرا ڏئي واپس اماڻي ڇڏيو واپارين جي دانھن واپارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اناج منڊي جا واپاري لکين روپيا ھر سال ٽيڪس ڏيون ٿا پر اسان کي مارڪيٽ ڪاميٽي وارن ڪڏھن رليف ناھي ڏنو ھر سال اناج منڊي جو بجيٽ مٿان جاري ٿيڻ باوجود ڪم ناھين ڪرايا ويا اناج منڊي جي اندر ناليون نڪارا ھجڻ جي ڪري پاڻي روڊن تي وھڻ لڳو گندي پاڻي جي بدبو ڦحلڻ جي ڪيتريون بيماريون پکڙجي رهيون آهن واپارين جي دانھن ،انھن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيترا ڀيرا ڊپٽي ڪمشنر منور علي ميٺاڻي کي درخواست ڏنو آھين ء ساڻ ملاقات ڪئيون پر ڊپٽي ڪمشنر رڳو ڪوڙا دلاسا ۽ آسرا ڏئي واپس اماڻي ٿو ڇڏي اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد اناج منڊي جي صاف صفائي ڪرائي وڃي ۽ پاڻي جي نيڪال جي لاءِ نئي سر ناليون ٺاهيون وڃن ء پاڻي جي نيڪال لاءِ ٻاھر پلان جوڙئي ڏنو وڃي

پنھنجي راءِ لکو