ڪنڌڪوٽ :جعميت علماء اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري مدرسه دارالفيوض ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ جعميت علماء اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري مدرسه دارالفيوض ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪي معیشت کي عمراني حڪومت جي غلط پالسين جي ڪري تباهه ڪيو ويو آهي ھن جيڪي ورلڊ بينڪ، آءب ايم، ايف سان معاھدا ڪيا ھنن تي عمل نه ڪيو جنهن ڪري ملڪ ۾ مھنگائي آهي ملڪ جي معیشت تباھه ڪئي وئي ھاڻي اسان معیشت سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آيون جئين ڪا بلڊنگ ڪرائي وڃي پر تعمير ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي ائين اسان کي تباهه ٿيل ڪريل معيشت کي بحال ڪرڻ ۾ وقت لڳندو پي ڊيم اي اتحاد تحريڪ ھئي جنهن جو مقصد ملڪ مان عمراني حڪومت جو خاتمو ڪري عوامي حڪومت قائم ڪيون اليڪشن ۾ جيڪڏهن قائدين اتحاد ڪن ته بھتر آهي ٻئي طرف پي ڊيم ايم جي مرڪزي ترجمان حافظ حمداللّٰه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان پنهنجي سياست کي نقصان ڏیئي رياست کي بچايو آهي عمران خان جي دؤر ۾ جيڪو ملڪ جو نقصان ٿيو آهي اھو ڪڏھن تاريخ ۾ نه ٿيو آهي جيڪڏهن وڌيڪ حڪومت رھي ھا ته ملڪ تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ھا ۽ مبينا طور ملڪ جو ايٽمي مواد دشمنن جي حوالي ٿيڻ جو خطرو ھو ھن وقت ملڪي معيشت تباهه ٿيڻ ڪري خطرناڪ مھنگائي آهي عوام جنھن ڪري پريشان آهي پي ڊيم ايم ۾ شامل جماعتون جدوجھد ڪري ملڪ کي بچايو آهي اسان جو مقصد آهي ته ھر فيصلو پارليمينٽ ڪري ھر ادارو پنهنجي آئيني اختيار ۾ ڪم ڪري اسين پاڪ فوج کي مضبوط ڏسڻ چاھيون ٿا پاڪ فوج سياست کان پري رھڻ جو اعلان ڪيو جيڪو عمل سٺو آهي جيڪڏهن فوج سياست ۾ دخل اندازي ڪندي رھندي ته ھر سياسي پارٽي مٿان تنقيد ڪندي سڀ کان اول قائد مولانا فضل الرحمان فوج تي تنقيد ڪئي ھئي عام چونڊون آڪٽوبر 2023 ۾ ٿينديون

پنھنجي راءِ لکو