ڪنڌڪوٽ: جمعيت علماء اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو مدرسه دارالفيوض ۾ جلسي کي خطاب ڪندي

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ جمعيت علماء اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو مدرسه دارالفيوض ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان اقتدار تي اچڻ بعد ڪيل واعدن تان ڦري ويو ڪھڙي ايجنڊا تي عمل ڪيو اڄ جيڪڏھن مھنگائي آھي عمران خان جيڪو آءِ ایم ایف کان قرض ورتو انھي جي ڪري آھي عمران خلاف ميدان تي ايجنڊا تي ھئاسين عمران کي اقتدار تان ٻاھر اسان جي جماعت ڪڍيو آھي عمران آءِ ايم ايف سان معاھدا ڪيا جيڪي اڄ ڊالر جي اڏام، مھنگائي جو طوفان آھي عمران چيو ته مديني جي رياست اسلامي رياست آھي ان ھن جو غلط استعمال ڪيو سنڌ ۾ اٽو مھنگو ٿيو آھي سڀ پارٽيون خاموش آھن ڪنھن آواز ناھين اٿاريو صرف جمعيت علماء اسلام آواز اٿاريو آھي وزيراعظم جي سامھون سنڌ جو ڪيس مان وڙھيو ته سنڌ کي ڪڏھن به تقسيم نه ڪرڻ ڏينداسين مان گھوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ جي ڌاڙيلن کي اپيل ٿو ڪيان ته جيڪي غريبن کي توھان پاڻ وٺ باندي بڻايو آھي انھن کي آزاد ڪيو اميرن، جاگيردارن، وڏيرن، سنڌ لٽيندڙن، اسڪولن، اسپتالن جاپيسا لٽيندڙن کي اغوا ڪيو انھن کان ڏوڪڙ وٺو ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي ووٽ ڏيو سنڌ ۾ اقتدار تي آڻيو جي يو آءِ تي اعتماد ڪيو ستر سالن کان جنھن ملڪ کي تباهه ڪيو آھي انھن کي مسترد ڪري جي يو آءِ کي موقعو ڏيو مرڪز ۾ اسان جو اتحاد نواز شريف سان آھي پيپلز پارٽي سان نه آهي سنڌ ۾ اسان جو پي پي سان جو ڪو به اتحاد نه آھي ان موقعي تي سائین عبدالقيوم ھاليجوي، سائین عبداللّٰه سومراڻي شريف، سائین عبداللّٰه پھوڙ، مفتي طاھر ھاليجوي، مفتي عبدالرحيم پٺاڻ، قاري محمد شفيع کوسو، مولوي شمس الدين ڀيري، مولوي جمال الدين اوڳاھي، حافظ عرفان اللّٰه کوسو، مولوي عرفان علي کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا،

پنھنجي راءِ لکو