سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )اسلام ڪالوني جي رهواسين پاران ڀائرن جي مبينا زيادتين خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حبيب الله ڏيرو، منظور، عنايت الله، اسماعيل ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حبيب الله ٻرڙو نعريبازي ڪندي چيو ته ڀاءُ امان الله ۽ اسدالله پئسا وٺي چاچي کي گهر وڪرو ڪيو، جنهن جا اسٽيمپ پيپر به موجود آهن، هن الزام هنيو ته وڏي ڀاءُ امان الله ۽ اسد الله چاچي جد چوري ڪئي، جنهن جي نئين پنڊ ٿاڻي تي ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آهي، هاڻي هو ناراض ٿي ويا آهن ۽ گهر ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، منهنجي ڀائرن کي گهر جي رقم به ملي وئي آهي پر هو گهر خالي نه ڪري رهيا آهن، هن وڌيڪ الزام هنيو ته بليڪ ميلر علي مغل جي چرچ تي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
