سول اسپتال سکر مان ٽي مهينا اڳ ڄاول ٻارڙي جي اغوا واري ڪيس مان ڊاڪٽر سميت عملي جا نالا خارج ڪرڻ، ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ،احتجاج

سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )سول اسپتال سکر مان ٽي مهينا اڳ ڄاول ٻارڙي جي اغوا واري ڪيس مان ڊاڪٽر سميت عملي جا نالا خارج ڪرڻ، ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ٻارڙي جي وارثن پاران سکر نيشنل پريس آڏو احتجاج ڪري انصاف جي گهر، تفصيل موجب، سول اسپتال سکر مان ٽي مهينا اڳ مبينا طوراغوا ٿيل ٻارڙي جي وارثن پيءُ محمد موسيٰ، عبدالغني، محمد يوسف گولو، محمد پناھ ڀنگوار ۽ ٻين سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته محمد موسيٰ گولو جي 16 ڏينهن جي ڄاول ٻارڙي غالب حسين کي ساڍا 3 مهينا اڳ سول اسپتال سکر جي وارڊ مان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس ۾ ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ سميت اسٽاف نرس ۽ سيڪيورٽي گارڊز نامزد ڪيل هئا پر پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيا آهن، پوليس اغوا ۾ ملوث جوابدارن کان پئسا وٺي جوابدارن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن، ۽ اسان کي انصاف جي فراهمي لاء صرف آسري ۾ رکيو ويو، پوليس ۽ اسپتال جو عملو ٻارڙي جي اغوا ۾ ملوث آهن، هنن گهر ڪئي ته ايس ايس پي سکر سميت اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي ٻارڙو بازياب ڪرائين.

پنھنجي راءِ لکو